Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

وئي، مون گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوت اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنايو، ان جي برڪت سان منهنجا اخلاق سنورجڻ لڳا، منهنجي هن تبديليءَ جو منهنجي گهر وارن تي به سُٺو اَثر ٿيو، الحمد لله! آهسته آهسته پورو خاندان ئي قادري، رضوي، عطّاري ٿي ويو، گهر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گناھن ڀريي چينلن جي جڳھ تي مدني چينل هلڻ لڳو.(.دلوں کا چین، صفحہ:4۔ )

خوب مَدنی قافِلوں کی دھوم ہو                                        نیک ہو امَّت اے نانائے حسین

’’مَدنی اِنعامات‘‘ کی ہو ریل پیل                                    نیک ہو امَّت اے نانائے حسین([1])

 ياد رکو: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو ويندو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(2) توڪّل

پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جو ٻيو اهم بنيادي اُصول تَوَڪُّل آهي. حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تَوڪّل جي حقيقت اها آهي ته انسان پنهنجا سڀئي ڪم الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ دل سان اهو يقين ڪري ته قسمت ۾ تبديلي نه ٿيندي، جيڪو مقدر ۾ لکيو ويو آهي، اهو ملي ڪري ئي رهندو، جيڪو ناهي لکيو ويو، اهو هرگز نه ملندو. جڏهن انسان دل جي يقين سان اها ڳالھ ڄاڻي وٺي ته ان جي دل سُڪون حاصل ڪندي آهي.

 (اَلْغُنْیَه ،القسم الخامس التصوف،باب المجاہدۃ و التوکل...الخ،صفحہ:317ملتقطًا۔)

پيارا اسلامي ڀائرو! اها به نهايت اهم تعليم آهي ۽ مُعاشري جي اصلاح جي لاءِ وڏو اهم بنياد آهي. توڪُّل جي برڪت سان ٻانهو لالچ کان بچي ويندو


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:258۔