Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

نُور عطا فرمايو هيو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڇا ته مقام ۽ مرتبو آهي. خود فرمائن ٿا: اي انسانو! جيڪڏهن مونکي شريعت طرفان روڪيو نه ويو هجي ها ته مان توهان کي ٻڌايان ها جيڪو توهان گهرن ۾ کائو ٿا ۽ جيڪو بچائي رکو ٿا. اَنْتُمْ بَیْنَ یَدِیْ کَا لْقَوَارِیْرِ یُریٰ مَا فِی بَوَاطِنِکُمْ وَ ظَوَاہِرِکُمْ يعني توهان منهنجي سامهون شيشي جي بوتل جيان آهيو، توهان جو ظاهر ۽ باطن سڀ ڪجھ نظر ايندو آهي.

 (بهجةُ الْاَسْرَار ،ذکر کلمات اخبر بہا عن نفسہ...الخ،صفحہ:55۔)

بندہ قَادِر کا بھی، قادربھی ہے عَبْدُالقَادِر                                سِرِّ باطن بھی ہے ظاہر بھی ہے عَبْدُالقَادِر

مفتئ شرع بھی ہے، قاضِئ ملّت بھی ہے                     عِلْمِ اَسْرار سے ماہِر بھی ہے عَبْدُالقَادِر

ذی تَصَرُّف بھی ہے مَاذُوْن بھی مختار بھی ہے                 کارِ عالَم کا مُدَبِّر بھی ہے عَبْدُالقَادِر([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

انفرادي طور (يعني اڪيلي ۾) سمجهايو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان واقعو ٻڌو، شيخ اَبُوالفرج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ويسر ٿي، پاڻ بي خيالي ۾ وضو کان بغير نماز پڙهي ڇڏي، اُن تي سيدي غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه يڪدم اصلاح فرمائيندي ٻڌايو ته تنهنجو وضُو نه هيو، لهٰذا وضو ڪري ٻيهر نماز پڙهو...!!

هن مان حضور غوث پاڪۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو جذبو به معلوم ٿئي ٿو. * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اَلحَمۡدُلله! بيان به ڪندا هئا. * وڏن وڏن اجتماعن ۾ پُراثر بيان ڪري ماڻهن جون زندگيون به بدلي ڇڏيندا هئا. * پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مدرسي ۾ پڙهائيندا به هئا. * ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انفرادي طور تي به


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:69ملتقطًا۔