Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

اسپيشل پرسن موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول!هاڻي ٽيڪنالوجي جو دور آهي. الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن اسپیشل پرسن(Special Person) به آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ نابينا افراد جي لاءِ سکڻ جون کوڙ ساريون ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن، مثال طور هن ۾ آڊيو لائبريري جو آپشن به آهي، گونگن ٻوڙن جي لاءِ حج ۽ عمري، نماز، وضو ۽ غسل جو طريقو اشارن جي زبان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اشارن جي زبان سکڻ جي لاءِ Sign Language Course اُن ۾ موجود آهي. اوهان به هيءَ ايپلي ڪيشن انسٽال ڪيو ۽ اوهان جي دوستن، مٽن مائٽن ۾ جيڪڏهن ڪي اسپيشل پرسن (يعني گونگا ٻوڙا) اسلامي ڀائر آهن ته انهن تائين به هيءَ ايپلي ڪيشن پڄايو.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175