Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

پيارا اسلامي ڀائرو! انهيءَ ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته اڄ کان ئي اسان مجاهدو شروع ڪيون. اهو ڪيئن ٿيندو؟ اچو! حضور غوث پاڪ
 رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ اثر ڪندڙ بيان ٻڌون ٿا:

نجات چاهيو ٿا ته....

11 رجب، 545 هجري، سومر جو ڏينهن هيو، حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان ڪندي فرمايو: اي شخص! جيڪڏهن ڪاميابي چاهين ٿو ته پنهنجي نفس جي مخالفت ۽ پنهنجي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪر! پنهنجي نفس کي مجاهدي جي ذريعي ڳار! ايئن ڪندين ته تنهنجي دل کي اطمينان ۽ سُڪون ملي ويندو. اي شخص! پنهنجون اميدون گهٽ ڪر، تنهنجو نفس تنهنجو فرمانبردار ٿي ويندو. پنهنجي نفس کي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اها نصيحت ٻڌايو ته(الفتح الربانی،المجلس الثالث و الاربعون فی النفس الامارہ،صفحہ:139 -140ملتقطًا۔) پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جڏهن توهان صبح ڪيو ته پنهنجي پاڻ کي شام جي اُميد نه ڏياريو! جڏهن شام ڪيو ته پاڻ کي صبح جي اميد نه ڏياريو! بيشڪ توهان نٿا ڄاڻو ته سڀاڻي توهان جو نالو ڇا هوندو(يعني توهان کي جناب چئي ڪري پڪاريو ويندو يا مرحوم چئي ڪري ياد ڪيو ويندو).

 (ترمذی،کتاب الزہد،باب ما جاء فی قصر الامل،صفحہ:558،حدیث:2333 ملتقطًا۔)

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي مجاهدي جو طريقو، اسان پنهنجون اميدون گهٽ ڪيون، قبر ۽ آخرت کي هر وقت سامهون خيال ڪيون، الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي حڪمن تي مضبوطي سان عمل ڪيون، هن معاملي ۾ نفس و شيطان جي دوڪي ۾ نه اچون، جيڪڏهن اسان اها عادت اپنايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ۽ جيڪڏهن هرڪو پنهنجي اصلاح ڪري ته سڄو معاشرو ئي سڌري ويندو.

اَلحَمۡدُلله! عاشقِ غوث پاڪ شيخ طريقت امير اهل سنت