Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

آهي. * حسد جي بيماري کان نجات ملندي آهي. * مال ۽ دولت جي محبت دل مان نڪرندي آهي. * دوڪو. * فريب. * ڪوڙ. * چوري وغيره ڪيترن ئي گناهن کان انسان کي نجات ملي ويندي آهي. اوهان پاڻ غور ڪيو! جڏهن سماج ۾ ايترا عيب نه هوندا ته معاشرو ڪيترو پاڪيزه ۽ خوبصورت ٿي ويندو. انهي ڪري اسان کي گهرجي ته اسان توڪُّل اختيار ڪيون، الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ سکون.

توڪل وڌائڻ جو روحاني وظيفو

فقيہُ العصر مفتي اَمين صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حَسْبُنَا اللہُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْل جو وظيفو ڪرڻ سان توڪل مضبوط ٿيندو آهي، ۽ جنهن جو توَّڪل مضبوط ٿي وڃي، اُن کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ناهي رهندي، ڇوته الله پاڪ فرمائي ٿو: (دو خزانے،صفحہ:3خلاصۃً۔)

وَ مَنْ یَّتَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗؕ-  ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ته اهو ان کي ڪافي آهي. (پارہ:28،الطلاق:3)

 (3) صِدۡق يعني سچائي

پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جو ٽيون اهم بنيادي اصول سچائي آهي. هڪ ڀيري ڪنهن حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو: اوهان جي طريقي جي بنياد ڪهڙي شيءِ تي آهي؟ فرمايائون: عَلَی الصِّدْقِ يعني منهنجي طريقي جي بنياد سچائي تي آهي. مون ننڍپڻ کان هاڻي تائين ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو.

(بهجة ُ الاسرار،ذکر طریقہ رضی اللہ عنہ،صفحہ:167 خلاصۃً۔)

معاشري جي اصلاح جي لاءِ اهو به نهايت اهم بنياد آهي. جيڪڏهن معاشري ۾ ڪوڙ تي مڪمل پابندي لڳائي ڪري سچ کي رواج ڏنو وڃي ته اسان جو معاشرو تمام گهڻين برائين کان پاڪ ٿي ويندو. نهايت مشهور واقعو آهي: هڪ