Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

سُنّتوں کی کروں خوب خدمت                            ہر کسی کو دوں نیکی کی دعوت

نیک میں بھی بنوں اِلتجا ہے                              یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نيڪ بنائڻ جي مشين بڻجي وڃو!

عاشقِ غوث اعظم، شيخ طريقت، امير اهل سنت اسان کي سمجهائيندي لکن ٿا: پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين جا حَرِيص بڻجي وڃو، ٻين کي نمازي بڻائڻ جي مُهم تيز کان تيز ڪيو، جڏهن به باجَمَاعَت نماز جي لاءِ مسجِد وڃڻ لڳو ته ٻين کي تَرغِيب ڏئي گڏ وٺي وڃو، جنهن کي نماز نٿي اچي انهن کي نماز سيکاريو، جيڪڏهن اوهان جي ڪري هڪ به نمازي بڻجي ويو ته جيستائين هو نمازون پڙهندو رهندو ان جي هر هر نماز جو اوهان کي به ثوَاب مِلندو رهندو۔ وڏي عمر جي عاشقانِ رسول جي لاءِ مختلف مقامات تي لڳڻ واري مَدرَسةُ المدينه بالِغان ۾ داخِلا وٺو، ان ۾ پاڻ به قرآنِ ڪريم سکو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ اوهان کان سکڻ وارو جڏهن تِلاوت ڪندو ته اوهان کي به ان جي تِلاوت جو ثَوَاب ملندو رهندو۔ اوهان پاڻ به سُنَّتن تي عَمَل ڪيو ۽ ٻين کي به عَمَل تي آماده ڪيو۔ جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي هڪ سُنَّت سيکاري، ته هاڻي هو جڏهن جڏهن ان سُنَّت تي عَمَل ڪندو، اوهان کي به ان سُنَّت تي عَمَل ڪرڻ واري جيان ثَوَاب ملندو رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه۔ مدني دوري ۽ مَدَني قافِلن ۾ سُنَّتن ڀري سَفَر جي ذَرِيعي پنهنجي ۽ ٻين جي اِصلاح جي زور دار مُهم هلائي مُسَلمانن کي ’’نيڪ‘‘ بَنائڻ جي’’مَشِين‘‘ بڻجي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم ثواب جو ڍير لڳي ويندو ۽ ٻنهي جهانن ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.

تیرے کرم سے اے کریم! مجھے کون سی شے ملی نہیں

جھولی ہی میری تنگ ہے تیرے یہاں کمی نہیں


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:139۔