Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!

اسان جا پير، پيرانِ پير، پير دستگير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدالقادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت بُلند رُتبي وارا ڪامل ولي آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات ڪهڙي آهي؟ سندن دين جي خدمت ڪهڙي انداز ۾ ڪئي؟ کين ڪهڙي طرح ماڻهن جي ظاهر و باطن جي اصلاح فرمائيندا هئا؟ اڄ هن حوالي سان ڪجھ ڳالهيون ۽ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا واقعا وغيره اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، هن کان پهريان اچو! 11 هين شريف جي متعلق هڪ ايمان اَفروز واقعو ٻڌون ٿا:

يارهين شريف جي محفل ۾ شير خدا جي آمد

برصغير(پاڪ و هند) جي نهايت ئي مشهور و معروف، معتبر شخصيت، پنهنجي وقت جا ڪامل ولي، عالمِ باعمل حضرت شاھ وَليُّ الله مُحدّث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت مرزا مظهر جانِ جانان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه (جيڪي تمام وڏا وليءِ


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔