Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڇا اولياءِ ڪرام وصال کان بعد ڪٿي اچي وڃي سگهن ٿا؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اَڄ الحمدُلله! وڏي يارهين شريف(يعني ربيع الثاني جي 11 هين رات) آهي. الحمدلله! هن رات تي سڄي دنيا ۾ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذڪر پاڪ جون محفلون سجنديون آهن، عاشقانِ غوث پاڪ ڌوم ڌام سان يارهين شريف ملهائيندا، ذڪر غوث پاڪ ڪري ايمان کي تازو ڪندا ۽ ان جون برڪتون ماڻيندا آهن ۽ ڏسو! ڪهڙي ڪرم جي ڳالھ آهي، ٻه وڏي رُتبي وارن ولين سڳورن حضرت شاھ وليُّ الله مُحدّث دهلوي ۽ حضرت مرزا مظهر جانِ جانان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهماگواهي ڏني ته يارهين شريف جي محفل ۾ وڏا وڏا اولياءِ ڪرام ۽ شهنشاھِ ولايت حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ۽ انهن سان گڏ عظيم عاشق رسول حضرت اويس قرني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به تشريف کڻي آيا..!! هي ضروري ناهي ته هر محفلِ يارهين شريف ئي ۾ اهي هستيون تشريف کڻي اچن، البته چاهين ته ڪرم فرمائيندا به آهن.

يارهين شريف جون برڪتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به يارهين شريف جو اهتمام لازمي طور تي ڪرڻ گهرجي، يارهين شريف ڇا آهي؟ ايصال ثواب آهي ۽ ايصال ثواب ڪرڻ قرآن ۽ حديث مان ثابت آهي. صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيو: اسان پنهنجي فوت ٿيلن جي لاءِ دُعائون ۽ انهن جي طرفان صدقو ۽ خيرات وغيره ڪندا آهيون، ڇا هي شيون انهن تائين پهچن ٿيون؟ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ هي شيون فوت ٿيلن تائين پهچن ٿيون وَیَفْرَحُوْن بِہٖ کَمَا یَفْرَحُ اَحَدُکُمْ بِالہَدْیَۃِ يعني جيئن