Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ترغيب به ڏياريندا رهندا آهن. سندن اها خواهش آهي ته هر عاشقِ رسول پابندي سان هر مهيني يارهين شريف جو اهتمام ڪندو ڪري. ڪاش! اسان عاشقانِ غوث پاڪ کي هن جي توفيق ملي ۽ هر مهيني پابندي سان يارهين شريف جو نياز ڏيارڻ جو اهتمام ڪيون.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اے جمیلِ قادری ہشیار باش                عمر بھر چھوٹے نہ یہ تجھ سے نیاز([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو مختصر تعارف

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! حضورغَوْثِ اعْظَمْ، شيخ سيدعبْدُالقادرجِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مشهور هستي آهن * سندن نالو پاڪ: عبدُ القادر ۽ ڪنيت: ابو محمد آهي * محيُ الدّين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارا) ۽ غوثُ الثَّقَلين (يعني جنن ۽ انسانن جا غوث، مددگار) سندس مشهور لقبَ آهن * حضورغَوْثِ پاڪ، شيخ سيدعبْدُالقادرجِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 470 هجري جو جيلان ۾ پيدا ٿيا * 91 سال هن دنيا ۾ زندهه رهيا * 561 هجري ۾ سندن دنيا کان پردو مٽايو.

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا               اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا             اولیا ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا([2])

يارهينءَ وارو پير چوڻ جو سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ عام طور تي حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهکي


 

 



[1]...قبالہ بخشش، صفحہ:142۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:19۔