Ghous e Pak aur Islah e Ummat

Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

بخشش پاڻ  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان محبت جو واضح دليل آهي، جنهن ۾ پاڻ  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  حضور غوث پاڪ جي شان ۾ به ڪيئي ڪلام ۽ غوثيه نعرا تحرير ڪيا آهن. (2) پاڻ  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خاندان، آل ۽ اولاد، سندن مزار پُرانوار، گنبذ و مينار، سندن شهر الغرض کائنس تعلق رکڻ واري هر شيءِ سان بي انتها محبت فرمائيندا آهن. (3) اَلحَمۡدُلله! امير اهل سنت جي تربيت جي برڪت سان وڏي يارهين شريف جي وڏي رات جي موقعي تي ملڪ ۽ بيروني ملڪ اجتماعِ غوثيه جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جن ۾ ڪڏهن شان غوث اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ته ڪڏهن سيرت غوث اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، ڪڏهن خاندانِ غوث اعظم ته ڪڏهن ڪردار غوث اعظم، وغيره جي موضوعن تي سنتن ڀريا بيان ۽ مناقبِ غوث اعظم جو سلسلو ٿيندو آهي. اميراهلسنت حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي يارهين شريف جي رات ۾ عاشقانِ رسول کي بغدادي نسخو استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا آهن.

الله ڪريم اسان سڀني کي امير اهل سُنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ۽ سندن جي صدقي ۾ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سچي پڪي غلامي نصيب فرمائي ۽ اسان جو خاتمو ايمان تي فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھ خدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي فيضان غوث و خواجه آهي، اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ غوث پاڪ
 رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات کي عام ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو ڏيارڻ ۾