Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

جي تنظيم قتل و غارت ۽ لُٽ مار مچائي رهي هئي ۽ بغداد شريف جيڪو ان وقت دارُالخِلافه هو، اتان جا حالات اهڙا هئا جو چيو ويندو هو:

قَارُوْنُ لَوْ حَلَّ بِہَا                                                                                                                                                 جَازَتْ عَلَیْہِ الصَّدَقَۃُ

         يعني قارون جهڙو وڏو امير شخص به جيڪڏهن بغداد ۾ رهائش اختيار ڪري ته (اتان جي حالات، مهانگائي ۽ اخراجات جي وجھ سان ايترو ڪنگال ٿي ويندو جو) ان کي به زڪوٰة لڳي سگهندي.

 حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اهڙي نازڪ حالات ۾ دين جي خدمت ڪئي، امّتِ مسلمه جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سهارو ڏنو، دين جي اصل تعليمات کي زندھ ڪيو ۽ مسلمانن جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ قرآن ۽ سنّت ۽ ديني تعليمات جو نور ڀري ڇڏيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي انهن خدمتن جي ڪري کيس مُحيُ الدين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارو) چيو ويندو آهي.

تُو حُسینی حَسَنی کیوں نہ مُحْیُ الدِّیْں ہو                    اے خِضَرمَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چشمہ تیرا([1])

مُحيُ الدِّين لقب ڪيئن مليو...؟

        حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جمعي جو ڀلارو ڏينهن هيو، مان سفر کان واپس موٽي رهيو هيس، راستي ۾ هڪ هنڌ نهايت ڪمزور شخص تي نظر پئي، ان مون کي سلام ڪيو، مان سلام جو جواب ڏنو، ان شخص چيو: مون کي اٿاريو! مان کيس اٿاري ويهاريو ته اوچتو ان جو چهرو پروقار ۽ جسم تروتازه ٿي ويو، مان ڏاڍو حيران ٿيس، ان تي هن شخص چيو: حيران ٿيڻ جي ڳالھ ناهي، مان (اوهان جي ناني سائين حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو) دين آهيان، (ماڻهن جي بي رغبتي ۽ لاپرواهي جي سبب) مان


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:19 ملتقطًا۔