Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

پنهنجي مسلمان ڀائرن ڏانهن ڳوٺن ۾ وڃي حديث پاڪ ۾ ان جي لاءِ جنت جي بشارت آهي.( معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔)

ديني ماحول جي برڪت سان منهنجي گناهن جي عادت ختم ٿي وئي

پتوڪي (ضلع قصور، پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان بُري صحبت جو شڪار ۽ ان جي ڪري ڪيترن ئي گناهن ۾ مبتلا هيس، منهنجي قسمت جو ستارو ايئن چمڪيو جو هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ(جيڪو پري کان اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ ڏيڻ جي لاءِ آيو هو) ان مونکي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مون سندس نيڪي جي دعوت قبولي ورتي ۽ مسجد ۾ هڪ ڏينهن جي نفلي اعتڪاف جي لاءِ حاضر ٿي ويس، ان جي برڪت سان مون کي دلي سڪون مليو. ويندي وقت ان اسلامي ڀاءَ مون کي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني. اَلحَمۡدُلله! مون کي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي به سعادت نصيب ٿي وئي، دعوت اسلامي جي عاشقانِ رسول جا پيارا پيارا اخلاق ڏسي ڪري مان ته دعوت اسلامي ئي جو ٿي ويس، اَلحَمۡدُلله! هن پياري پياري ديني ماحول جي برڪت سان منهنجي گناهن جون عادتون ختم ٿي ويون ۽ ان سان گڏوگڏ منهنجو سڄو گهراڻو به شيخِ طريقت اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي ذريعي قادري عطاري سلسلي ۾بيعت ٿي ڪري نيڪ رستن جو مسافر بڻجي ويو.

 (یومِ تعطیلِ اعتکاف،صفحہ:33۔)

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی                  صدقہ تجھے اے ربّ غفّار! مدینے کا([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش،صفحہ:180۔