Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

2 فرمانِ آخري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): ٻه رڪعتون مِسواڪ ڪري پڙھڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي.( مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:265، حدیث:3236۔) (2): مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪيو ڇوته هن ۾ وات جي صفائي ۽ الله پاڪ جي رِضا جو سبب آهي.(مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔)

 اي عاشقانِ رسول! حُضُور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر رات ڪيئي ڀيرا مسواڪ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ مهل به ۽ جاڳڻ وقْت به * بغير چڱي نيت جي مِسواڪ ڪرڻ سان طَبعي فائدا ته حاصِل ٿيندا پر ثواب نه ملندو، مثلاً وُضُو جي لاء مِسواڪ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيتون ڪريو: رِضاءِ الهٰي، سُنت جي ادائيگي ۽ ذِڪر و دُرُود جي لاء وات کي پاڪيزه ڪرڻ جي غرض سان مِسواڪ ڪندس * مشائخ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي هجي ته مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب ٿيندو، * حضرتِ سيدُنا عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، مسواڪ ڪرڻ واري کان فرشتا خوش ٿين ٿا، مسواڪ ڪرڻ واري کان ربّ راضي ٿئي ٿو، مسواڪ نيڪي وڌائيندو ۽ معدي کي درست ڪندو آهي * مسواڪ ساڄي هٿ ۾ اهڙي طرح کڻو جو چيچ ان جي هيٺان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿان ۽ آڱوٺو ڇيڙي تي هجي * مسواڪ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو