Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڪيترائي ماڻهو حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت جي لاءِ روانا ٿياسين، اسان سڀني پنهنجي مشڪلات ۽ پريشانين جي حل جي لاءِ دعا ڪرائڻ جو ارادو رکيو هيو، رستي ۾ ٻيا ماڻهو به اسان سان گڏ ملي ويا. انهن ۾ هڪ ڇوڪرو هيو، مان ان کي سڃاڻندو هيس، هُو تمام گهڻو بداخلاق هيو، هو اڪثر ناپاڪ رهندو هيو. خير! اسان سڀئي بارگاھ غوثيت ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته اتفاق سان حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان رستي ئي ۾ ملاقات ٿي وئي، اسان سڀني اڳتي وڌي ڪري سلام ڪيو ۽ هڪ هڪ ٿي ڪري سندن هٿ چمڻ لڳاسين. اهو ڇوڪرو جنهن جا اخلاق چڱا نه هئا، جڏهن اهو حضور غُوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿن کي چمي ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو ته حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهپنهنجو هٿ مبارڪ هٽائي ڇڏيو، پوءِ هڪ نظر ان ڇوڪري ڏانهن ڏٺائون، سرڪار غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نگاھ مبارڪ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ اهو ڇوڪرو بيهوش ٿي ڪِري پيو، جڏهن هوش ۾ آيو ته اُن يڪدم پنهنجي بُري اخلاق کان توبه ڪئي، پوءِ غوث اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سان هٿ ملايو.( قلائد الجواہر،صفحہ:32 خلاصۃً۔)

بدمذهبن توبه ڪري ورتي

شيخ ابو الحسن قرشي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 559 هجري جو واقعو آهي ته بدمذهبن جي هڪ وڏي جماعت حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي، اُنهن وٽ ٻه ٽوڪرا هئا، جن جو منهن بند هو، اُن بدمذهبن سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو: ٻڌايو! هنن ٽوڪرن ۾ ڇا آهي؟ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي بصيرت (يعني باطني نِگاھ، دِل جي نُور) سان ڄاڻي ورتو ۽ هڪ ٽوڪري تي هٿ رکي فرمايائون: هن ۾ هڪ اپاهج (يعني معذور) ٻار آهي۔ پوءِ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه