Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پٽ! تون بي وضو هُئين

 شيخ اَبُو الفَرج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عاشق غوث پاڪ ٿي گذريو آهي، کيس حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو زمانو مبارڪ نصيب ٿيو، زيارت جو شرف به مليو ۽ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهجي عقيدت ۽ محبت به عطا ٿي، شيخ ابو الفرج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مدرسي جي ڀرسان گذرڻ جي سعادت نصيب ٿي، اهو عصر جي نماز جو وقت هيو ۽ مدرسي جي ويجهو مسجد ۾ تڪبير ٿي رهي هئي، مون موقعي کي غنيمت سمجهيو ته هڪ ته عصر جي نماز باجماعت پڙهي وٺندس ۽ گڏوگڏ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت به نصيب ٿي ويندي، جيئن ته مان جلدي ۾ مسجد ۾ داخل ٿيس، مونکي گمان هو ته مان وضو سان آهيان، سو مان جلدي مان جماعت ۾ شامل ٿي ويس، حضور غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اقتداء ۾ نماز پڙهي، جڏهن نماز کان فارغ ٿيا ته دلين جي حالت کان باخبر، ڀٽڪيلن جي رهبر حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي طرف متوجھ ٿيا فرمايائون: اَیْ بُنَیَّ! اي پٽ! اَلْغَفْلَۃُ شَامِلَةٌ لَّکَ غلفت توکي گهيري ورتو، قَدْ صَلَّیْتَ عَلیٰ غَیْرِ وُضُوْءٍ تو بنا وضو جي نماز پڙهي آهي. (القلائد الجواہر،صفحہ:30 خلاصۃً۔)

قطبِ اَبْدال بھی ہے محورِ ارشاد بھی ہے            مرکز دائرۂ سِرّ بھی ہے عبدالقادر

اس کے فرمان ہی سب شارح حکم شارع         مظہرِ ناہی و آمر بھی ہے عبد القادر

وضاحت: اسان جا غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عبدالقادر آهن يعني قدرتن واري ربّ ڪريم جا ٻانها آهن، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قطب ۽ ابدال جي مرتبي تي فائض