Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  اڄوڪي دور ۾ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليم تي آساني سان عمل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ اعمال عطا فرمايا آهن. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 نيڪ اعمال، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، مدرسةُ المدينه جي ٻارن جي لاءِ 40، جامعةُ المدينه جي طالبن جي لاءِ 92 نيڪ اعمال آهن، هي هڪ مختصر رسالو آهي هن ۾ مختلف سوالات لکيل آهن، هر سوال جي هيٺان خالي خانا ڏنا ويا آهن، روزانو مقرر وقت تي انهن سوالن کي پڙهي ڪري پنهنجي سڄي ڏينهن جي اعمال جو جائزو وٺڻ ۽ خانه ڀرڻا هوندا آهن. پنهنجي اصلاح جو هي اهڙو بي مثال طريقو آهي جو جيڪڏهن اسان اپنايون ۽ استقامت سان ان تي عمل ڪندا رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سالن يا مهينن ۾ نه بلڪه ڪجھ ڏينهن ۾ اسان جي اندر تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي.

پورو خاندان سڌري ويو

ضلع اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گناھن سان ڀرپو زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڏسڻ، آواره گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مونکي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوشنصيبي جو مان ان سان مسجد هليو ويس، مغرب کان پوءِ بيان ٻڌي ڪري وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارف ڪرايو، رسالي نيڪ اعمال ۾ درج نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جا مدني گُلَ ڏسي ڪري مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِاهلسنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي اصلاحِ امّت جي لاءِ غم ڏسي ڪري مون انهيءَ وقت بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطّاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿئي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي