Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي سچ جي برڪت...!! پنهنجي نيت ۾ سچائي رکڻ، سچ ڳالهائڻ، ڪوڙ کان پري رهڻ جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب ملندو آهي، برائين کان نجات ملندي آهي، توبه جي توفيق نصيب ٿيندي آهي ۽ ٻانهو سُڌري ڪري بلند مقامن تائين پهچڻ جي لائق بڻجي ويندو آهي.

تنهنڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته هميشه سچ ڳالهائيندا ڪيون، ڪوڙ کان هميشه نفرت ڪيون.

غیبت سے اور تُہمت و چغلی سے دُور رکھ                      خُوگر تُو سچ کا دے بنا یا ربِّ مصطَفٰے!

بيعت جو مختصر تعارف ۽ افاديت ۽ فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلو عاليه قادريه نهايت ئي بابرڪت سلسلو آهي اَلحَمۡدُلله! شيخ طريقت امير اهل سُنت  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  به قادري سلسلي ۾ بيعت آهن سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به قادري سلسلي ۾ بيعت هئا ۽ اَلحَمۡدُلله! باقي جيترا طريقت جا سلسلا آهن جيئن سلسلهءِ نقشبنديه، سلسلهءِ سهرورديه، سلسلهءِ چشتيه انهن سڀني ۾ به غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ئي فيضان پهچي ٿو. سلسلهءِ عاليه قادريه جا سربراھ، شهنشاھ سيّدي غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن ۽ هي سلسلو اَلحَمۡدُلله! متصل مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تائين ۽ ان کان اڳتي پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي ٿو، جيڪڏهن اوهان اڃا تائين ڪنهن ڪامل پير جا مريد ناهيو ٿيا ته مشورو آهي ته سلسلي عاليه قادريه ۾ ڪنهن جامع شرائط پير جا مريد ٿي وڃو. ياد رهي! ڪنهن پيرِ ڪامل جو مُريد ٿيڻ جون تمام گھڻيون برڪتون ۽ فائدا آهن، مثال طور ان جي برڪت سان ايمان جي حفاظت نصيب ٿيندي آهي، * نماز