Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

آهن ۽ راھِ راست ڏيکارڻ ۽ اسرار جي دائري جا مرڪز به آهن، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ارشاد پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن جي تشريح ۽ سندن ڪلام حڪم خداونديءَ مطابق هوندو آهي.

مؤمن جي فراست جو ڪمال

پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي اسان جي پيرن جي پير، پير دستگير حضور غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو...!! شيخ ابوالفرج
 رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وساري ويٺا هئا ته منهنجو وضو آهي به اَلائي نه پر قربان وڃو! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي باطني علم ۽ بصيرت واري نور سان ڄاڻي ورتو ته انهن بنا وضو جي نماز پڙهي آهي. اهو آهي اولياءِ ڪرام جو بلند شان، الله پاڪ پنهنجي نبين جي صدقي انهن کي به لڪيل ڳالهين جو علم عطا فرمائيندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: اِتَّقُوْا فِرَاسَۃَ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّہٗ یَنْظُرُ بِنُوْرِ اللہ يعني مومن جي فراست کان بچو ڇوته هُو الله پاڪ جي نور سان ڏسندو آهي.

      (ترمذی،کتاب تفسیر القرآن،باب و من سورۃ الحجر،صفحہ:722،حدیث:3127۔)

فراست هڪ نور آهي جيڪو الله پاڪ ٻانهي جي دل ۾ رکندو آهي.

 (لمعات التنقیح،کتاب الصلاۃ،باب ما لا یجوز من العمل...الخ،جلد:3،صفحہ:113،تحت الحدیث:978۔)

 علامه مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث پاڪ جي شرح ڪندي لکن ٿا: اهو نور جيڪو الله پاڪ ڪامل مومن جي دل ۾ رکندو آهي، ان سان ٻانهي جي دل چمڪي ڪري آئيني جيان ٿي ويندي آهي(جنهن ۾ هر شيءِ صاف نظر ايندي آهي)، لهٰذا ان نور جي برڪت سان ٻانهو لڪيل ڳالهين کان باخبر ۽ رازن کي ڏسڻ وارو بڻجي ويندو آهي.( فیض القدیر،جلد:1،صفحہ:185-186 ،تحت الحدیث:151 ملتقطًا۔ )

توهان منهنجي لاءِ شيشي جيان آهيو

اَلحَمۡدُلله! حضور شيخ عبدالقادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامل مؤمن ئي نه بلڪ ڪاملن جا به امام آهن، پيرن جا پير آهن. سندن کي به ربّ ڪريم فراست جو