Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

يارهين وارو پير چوندا آهن، هونئن به حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايصال ثواب جي محفل وغيره کي يارهين شريف چيو ويندو آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. مثلاً. * حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو يومِ وصال 11 ربيع الثاني تي ٿيو، انهي ڪري کين يارهين وارو پير چيو وڃي ٿو * حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سلسلو نسب يارهن واسطن کان امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تائين وڃي پهچي ٿو. (زبدة الآثار، ذکر نسبہ وصفتہ، صفحہ:35-36۔) * سندن طريقت جو شجرو به 11 واسطن کان حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان وڃي ملي ٿو * حڪيم الاُمت مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪتاب جاءالحق ۾ هن جو هڪ ٻيو نهايت ئي پيارو ۽ ايمان اَفروز سبب لکيو آهي: لکن ٿا: حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻارهين شريف يعني ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد شريف پابندي سان ڪندا هئا، هڪ ڏينهن رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: عبدالقادر! تو اسان کي ٻارهين سان ياد ڪيو، اسان توکي يارهين ڏيون ٿا. ڇوته هيءُ سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڏنل تحفو آهي، ان ڪري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي انهيءَ نالي سان سڏيو وڃي ٿو، اَلحَمۡدُلله! صديون گذرڻ باوجود اڄ به غلامانِ غوث پاڪ ربيع الثاني ۾ خاص ڪري ۽ ان کان علاوه هر مهيني جي يارهين تاريخ تي ذوق ۽ شوق سان يارهين شريف جو اهتمام ڪندا آهن.

 (جاءالحق،صفحہ:220خلاصۃً۔)

تیرے جد کی ہے بارہویں غوثِ اعظم                        ملی ہے تجھے گیارہویں غوثِ اعظم

تجھے سب نے جانا، تجھے سب نے مانا                          تری سب میں دُھومیں مچیں غوثِ اعظم([1])

غوثِ پاڪ ۽ اُمَّت جي اصلاح

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات ۽ سندن ديني خدمتن جي متعلق ڪجھ ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:


 

 



[1]...قبالہ بخشش، صفحہ:166۔