Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڀيرو ڪنهن شخص بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! مان شراب به پيئندو آهيان، چوري به ڪندو آهيان ۽ ڪوڙ به ڳالهائيندو آهيان، انهن ٽنهي مان صرف هڪ بُرائي ڇڏي سگهان ٿو، ٻڌايو! ڪهڙي ڇڏيان؟ فرمايائون ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو.

ان رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ته ان جي برڪت سان ٻنهي برائين کان نجات نصيب ٿي وئي. (تفسیرِ کبیر،پارہ11:،التوبہ،زیرِ آیت:119،جلد:6،صفحہ:167 خلاصۃً۔ )

ڳائڻو توبه ڪري نيڪوڪار بڻجي ويو

هڪ ڀيري حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايثار جي موضوع تي بيان فرمائي رهيا هئا، بيان ڪندي پاڻ اوچتو خاموش ٿي ويا ۽ فرمايائون: جيستائين 100 اشرفيون نه ڏنيون وڃن، مان اڳتي بيان نه ڪندس. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو فرمان ٻڌي ڪري فوراً 40 ماڻهو اٿيا ۽ سڀني سؤ سؤ اشرفيون پيش ڪيون. غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن مان هڪ جون اشرفيون قبول ڪيون ۽ پنهنجي خادم اَبُو رضا کي ڏيندي فرمايائون: فلاڻي قبرستان ۾ هليو وڃ، اُتي هڪ پوڙهو شخص هوندو جيڪو باجو وڄائي رهيو هوندو، هي اشرفيون ان کي ڏجانءِ ۽ ان کي ساڻ ڪري اسان وٽ وٺي اچجانءِ.

غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا خادم شيخ اَبُو رضا فرمائن ٿا: مان قبرستان ۾ پهتس ته، فرمانِ غوث پاڪ جي مطابق واقعي اُتي هڪ پوڙهو ويٺو هيو جيڪو باجو وڄائي رهيو هيو. بهرحال مون ان کان دعا سلام ڪيو، پوءِ جيئن ئي اشرفيون ان جي طرف وڌايون، اُن پوڙهي هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي ڪِري پيو. جڏهن هوش آيو ته مون چيو: شيخ عبدالقادر جيلاني توهان کي ياد ڪري رهيا آهن. جڏهن اسان بارگاھ غوثيه ۾ حاضر ٿياسين ته غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: هن پوڙهي کي منبر تي ويهاريو! اهو منبر تي اچي ويو. فرمايائون: پنهنجو قصو بيان ڪيو! هاڻي ان پوڙهي عرض ڪيو: مان جواني ۾ تمام وڏو ڳائڻو هيس، آواز