Book Name:Ghous e Pak aur Islah e Ummat

ڪمزور ٿي رهيو هيس، الله پاڪ اوهان جي ذريعي مون کي نئين زندگي عطا فرمائي، اوهان مُحيُ الدين آهيو. ان کان پوءِ جڏهن مان بغداد پهتس، جمعي نماز ادا ڪئي ته ماڻهو ڊوڙندا مون وٽ آيا ۽ یَا مُحْیَ الدِّیْنِ پڪاريندي منهنجا هٿ چمڻ لڳا.( بهجةُ الْاَسْرَار ،ذکر فصول من کلامہ مرصعا...الخ،صفحہ:109 خلاصۃً۔)

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا پير حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُحْیُ الدِّیْن آهن، يعني ماڻهن ۾ بي عملي وڌي رهي هئي، بدمذهبي عروج پڪڙي رهي هئي، ماڻهو دين کان پري ٿي رهيا هئا، سُنت کي ڇڏي ڪري فيشن جي طرف ڀڄي رهيا هئا، نمازن جو جذبو گهٽجي رهيو هو، مال ۽ دولت جي محبت، منصب ۽ عهدو ۽ تاج ۽ تخت جي لالچ دل ۾ گهر ڪري رهي هُئي، اهڙي حالات ۾ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُمت جي اصلاح جو بار کنيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري دين کي ٻيهر زندھ فرمايائون.

         پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي برڪت سان لکين ڪروڙين ماڻهن جي اصلاح ٿي، چور آيا، توبه ڪري ولايت جي بلند درجي تي فائز ٿي ويا، شرابي، بي حيا، گمراھ، بدمذهب، ايستائين جو غير مسلم به سندن هٿ مبارڪ تي ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿيندا هئا. ڪنهن عاشقِ غوث اعظم لکيو آهي.:

بِمَقْدَمِہ اَنْہَلَ السَّحَابُ وَ اعْشَبَ الْعِرَاقُ                                                  وَ زَالَ الْغَیُّ وَ اتَّضَحَ الرُّشْدُ!([1])

وضاحت: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اچڻ سان (رحمت جي) ڪڪرن سيراب ڪري ڇڏيو ۽ عراق شهر سرسبز ٿي ويو، ۽ گمراهي ويندي رهي ۽ هدايت ظاهر ٿي وئي.

بداخلاق ڇوڪري توبه ڪئي

حضرت ابو حسن قَوَّاس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان ۽ مون سان گڏ


 

 



[1]...بهجةُ الْاَسْرَار،ذکر علمہ و تسمیۃ بعض شیوخہ رضی اللہ عنہ،صفحہ:202۔