Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

اي عاشقانِ رسول! معراج اسان جي آقا ۽ مولا، مُحمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عظيم ۽ مُنۡفرد مُعجزو آهي، اسان جا پيارا نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي شريف ۾ حضرت امِّ هاني رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گهر آرام فرمائي رهيا هئا، اوچتو ڇت کُلي وئي، ملائڪن جا سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام  حاضر ٿيا، الله پاڪ جو پيغام ٻڌايو، معراج جي خوشخبري ٻڌائي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُراق تي سوار ٿيا، مسجدِ اقصٰي ۾ تشريف وٺي آيا، اتي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي امامت فرمائي، پوءِ آسمان ڏانهن رخ فرمايو، ستن آسمانن کان مٿي سِدرةُ المُنتهٰي تي تشريف وٺي ويا، پوءِ سِدرةُ المُنتهٰي کان لامَڪان پهتا، جاڳندي واري حالت ۾ الله پاڪ جو ديدار ڪيو، ڪيئي هزار لکَ ڪلو ميٽر جو سفر طئي ڪري واپس به تشريف وٺي آيا ۽ اڃان رات جو رڳو ٿورڙو ئي حصو گذريو هو، عالم سڳورا فرمائن ٿا: جڏهن حضورِ اڪرم، جانِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ واپس تشريف وٺي آيا، بسترو مبارڪ اڃان گرم هو ۽ دروازي جي ڪُنڍي به لڏي رهي هئي.[1]

ہیں عرشِ بَریں پر جَلْوہ فگن محبوبِ  خُدا  سُبْحٰنَ اللہ!

اِک بار ہُوا دِیدار جسے سَو بار کہا سُبْحٰنَ اللہ!

حیران ہوئے بَرْق اور نظر اِک آن ہے اور برسوں کا سفر

راکِب نے کہا اللہ غَنی مَرْکَبْ نے کہا سُبْحٰنَ اللہ!

طالِب کا پتہ مَطْلُوب کو ہے مَطْلُوب ہے طالِب سے  واقِف

پَردے میں بُلا کر مِل بھی لئے پَردہ بھی رَہا سُبْحٰنَ اللہ!

ہے عَبْد کہاں معبود کہاں مِعْرَاج کی شب ہے راز نِہاں

دو نُور حجابِ نُور میں تھے خود ربّ نے کہا سُبْحٰنَ اللہ!


 

 



[1] انوارِ جمالِ مصطفےٰ، صفحہ:277بتغیرقلیل۔