Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

مڪي شريف کان هليا ۽ مسجدِ اقصٰي پهتا. اتي سندن بُلند شان جي اظهار جي لاءِ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام کي جمع ڪيو ويو هو. جيئن ته مسجدِ اقصٰي پهچي ڪري جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام اذان چئي، انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام صفون ٺاهيون، هاڻي انتظار ٿي رهيو هو ته امامت جي مصلي تي ڪير اچي، اڄ اهي ڪير عظيم  شان وارا آهن، جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي امامت فرمائيندا. ايتري ۾ حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام اڳتي وڌيا، وَ اَخَذَ یَدَہٗ فَقَدَّمَہٗ  ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هٿ پڪڙي ڪري مصلي جي طرف وڌائي ڇڏيو.[1]

سارے نبیوں کے عہدے بڑے ہیں، لیکن آقا کا منصب جُدا ہے

وہ امامِ صفِ انبیا ہیں ان کا رتبہ بڑوں سے بڑا ہے

کوئی لفظوں سے کیسے بتا دے ان کے رُتبے کی حد ہے تو کیا ہے

ہم نے اپنے بڑوں سے سُنا ہے، صِرْف اللہ اُن سے بڑا ہے

   پيارا اسلامي ڀائرو! مسجدِ اقصٰي ۾ نماز ادا ڪرڻ کان بعد پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اُڃ محسوس ٿي، جيئن ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ 2 پيالا پيش ڪيا ويا (1): انهن مان هڪ ۾ کير (2): ٻئي ۾ پاڪيزه شراب هو، رحمت واري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کيرَ جو پيالو قبول فرمايو. ان تي حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام عرض ڪيو: الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي ‌هَدَاكَ ‌الْفِطْرَةَ تمام تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اوهان جي فطرت جي طرف رهنمائي فرمائي لَوْ أَخَذْتَ الْخَمْرَ غَوَتْ أُمَّتُكَ جيڪڏهن اوهان شراب جو پيالو قبول فرمايو ها ته اوهان جي اُمّت گمراھ ٿي وڃي ها.[2]


 

 



[1] سبل الہدی، جماع ابواب معراجہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم  ، الباب الثامن ...الخ، جلد:3، صفحہ:84۔

[2] بخاری، کتاب الاشربۃ، باب قول اللہ تعالی انما الخمر...الخ، صفحہ:1419، حدیث:5576۔