Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
چاهيون ٿا ان جي لاءِ دنيا ۾ جيڪو چاهيندا آهيون جلدي ڏئي ڇڏيندا آهيون پوءِ اسان ان جي لاءِ جهنم ٺاهي رکي آهي جنهن ۾ اهو خوار، مردود ٿي داخل ٿيندو.
هي پهرين قسم جي ماڻهن جو ذڪر آهي، انهن جو حال ڇا آهي؟ انداز ڇا آهي؟ هي دنيا جا طلبگار آهن، انهن کي آخرت جي بلڪل فڪر ئي ناهي، بس هر وقت دنيا، دنيا ۽ دنيا ئي چاهن ٿا، الله پاڪ فرمايو: اسان جيڪڏهن چاهينداسين ته اُن جي مُراد(يعني دُنيا جي ترقي، ڪاميابي، مال ۽ دولت وغيره) اُن کي ڏئي ڇڏينداسين، نه چاهينداسين ته نه ڏينداسين.(البته! ڇوته هي دنيا جو طلبگار آهي، آخرت جو طلب گار ناهي، لهٰذا) آخرت ۾ هي بُرائي سان ڌِڪا کائيندي جهنم ۾ وِڌو ويندو. اَلْاَمَان ْوَالْحَفَیْظ....!!
مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے ہو مجھ ناتُواں پر کرم یاالٰہی!
سدا کیلئے ہوجا رَاضِی خُدایا ہمیشہ ہو لُطف و کرم یاالٰہی!
گُناہوں سے بھر پور نامہ ہے میرا مجھے بخش دےکر کرم یاالٰہی!
(2) الله پاڪ وڌيڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنۡ اَرَادَ الۡاٰخِرَۃَ وَ سَعٰی لَہَا سَعۡیَہَا وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَاُولٰٓئِکَ کَانَ سَعۡیُہُمۡ مَّشۡکُوۡرًا (۱۹)
(پارہ:15، بنی اسرائیل:19)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ ڪوشش ڪندو آهي جهڙي ڪرڻ کپي ۽ اهو ايمان وارو به هجي ته هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي ڪوشش جي قدر ڪئي ويندي.