Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

هي ٻئي قسم جي ماڻهن جو ذڪر آهي، هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي دنيا جا نه پر آخرت جا طلبگار آهن، آخرت جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا، ڏينهن رات آخرت جي فڪر ۾ گذارين ٿا، کاڌو ملي يا نه ملي، پر نيڪي ضرور ڪن ٿا، گهر پنهنجو هجي يا نه هجي، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهن ٿا، بيماري هجي يا صحتيابي، الله پاڪ جي طرف کان ڌيان نٿا هٽائن، عيش و عشرت ۾ نٿا پون، راند روند ۾ نٿا پون بلڪ پوري شوق سان، پوري محبت سان، دل جي اخلاص سان آخرت ڪمائڻ لاءِ محنت ڪندا رهن ٿا۔ الله پاڪ فرمائي ٿو: هي اُهي آهن جن جي ڪوشش جي قدر ڪئي ويندي۔

انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ الله پاڪ هڪ عام قاعدو بيان فرمايو، ارشاد ٿئي ٿو:

کُلًّا نُّمِدُّ ہٰۤؤُلَآءِ وَ ہٰۤؤُلَآءِ مِنۡ عَطَآءِ رَبِّکَ ؕ وَ مَا  کَانَ عَطَـآءُ  رَبِّکَ  مَحۡظُوۡرًا (۲۰)

(پارہ:15، بنی اسرائیل:20)

تَرْجموڪنزُالعِرْفان: اسان تنهنجي رب جي عطا سان هن (دنيا جي طلبگارن) ۽ انهن (آخرت جي طلبگارن) سڀني جي مدد ڪندا آهيون ۽ تنهنجي رب جي عطا تي ڪا پابندي نه آهي۔

يعني جيڪو دنيا جو طلبگار آهي، ائين ناهي ته هو پنهنجي طاقت سان دنيا ڪمائي سگهي ٿو بلڪ دنيا ڪمائڻ جي طاقت به ان کي الله پاڪ ئي ڏئي ٿو، ائين ئي جيڪي آخرت جا طلبگار آهن، اهي به پنهنجي طاقت سان ڪجھ به نٿا ڪري سگهن، الله پاڪ ئي آهي جيڪو انهن کي توفيق نصيب فرمائي ٿو، ڪائنات جو هي سڄو نظام ربِّ ڪائنات جي عطا سان ئي هلي رهيو آهي ۽ الله پاڪ جي عطا اهڙي آهي جو ان تي ڪنهن قسم جي ڪا روڪ نه آهي، اهو جنهن کي چاهي، جڏهن چاهي، جيڪو چاهي، عطا فرمائي ڇڏي ٿو۔