Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

پاڪ ئي عطا فرمائي ٿو، جن دنياوي ايجادن طرف ڌيان ڏنو، انهن کي به طاقت الله پاڪ بخشي، جيڪي روح کي پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، طاقت انهن کي به الله پاڪ بخشي، دنيا سائنسي آلات جي ذريعي چنڊ تي پهتي، هي به الله پاڪ جي عطا آهي، اولياء ڪرام روحاني بلندي تي پهتا، هي به الله پاڪ جي عطا آهي، سائنس سيٽلائيٽ ذريعي سڄي دنيا کي هڪ پيج تي ڏيکاري ڇڏيو، هي به الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان آهي، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پنهنجي روحاني طاقت سان لاهور ۾ ويٺي ڪعبو ڏيکاريو، هي به الله پاڪ جي عطا سان آهي۔

جيئن چنڊ تي پهچڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو، سيٽلائيٽ جي ذريعي سڄي دنيا کي گوگل ميپ (Google map) تي ڏسي وٺڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، هن تي اعتراض ناداني آهي، ائين ئي اولياء ڪرام جي ڪرامتن تي اعتراض ڪرڻ به ناداني آهي، ڇو ته انهن ٻنهي جي پويان جيڪا طاقت ڪار فرما(حڪم ڪندڙ) آهي، اها الله پاڪ جي عطا ڪيل آهي ۽

وَ مَا  کَانَ عَطَـآءُ  رَبِّکَ  مَحۡظُوۡرًا (۲۰)

(پارہ:15، بني اسرائيل:20)

ترجموڪنزالعرفان:  تنهنجي ربّ جي عطا تي ڪابه پابندي نه آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! وضاحت ڪري ڇڏيان؛ سائنسي ايجادن ۽ اولياء ڪرام جي ڪرامتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، انهن جي پاڻ ۾ ڪا به مطابقت نه آهي، سائنس ۾ ترقي ته غير مسلم به ڪري وٺندا آهن پر ڪرامت جو ظهور صرف ۽ صرف نيڪ پرهيزگار مؤمن ولي ڪامل کان ئي ٿي سگهي ٿو۔ چوڻ جو مقصد صرف ايترو آهي ته دنيا جي طلبگارن کي دنياوي ترقي جي طاقت به الله پاڪ عطا فرمائي ۽ آخرت چاهڻ وارن اولياء ڪرام کي ڪرامتن جو