Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
اينڊ گرلز) قائم آهن، جن ۾ اسٽاف جو تعداد تقريباً 24 هزار 707 آهي، ۽ طالبِ علمن جو تعداد تقريباً 3 لک 74 هزار 305 آهي. (2) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: طالبن کي وظيفه ڏنا وڃن ته جيئن اهي علمِ دين ڏانهن مائل ٿين. الحمدلله! دعوتِ اسلامي ان فرمانِ رضا تي به عمل ڪري رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي تحت مختلف تَخَصُّصات (Specialization)ڪندڙ طالبِ علمن کي ماهوار معقول وظيفا ڏنا ويندا آهن. ايئن ئي رهائشي مدرسة المدينه ۽ جامعة المدينه جي طالبن کي مفت هاسٽل جي سهولت، 3 وقت جي ماني ۽ مفت ميڊيڪل جي سهولت به فراهم ڪئي وڃي ٿي. (3) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: استادن کي بهترين تنخواهون ڏنيون وڃن ته جيئن اهي علمِ دين پڙهائڻ ۾ گهڻي محنت ڪن. الحمدلله! دعوتِ اسلامي ان فرمانِ رضا تي به عمل ڪري رهي آهي. جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه ۾ پڙهائيندڙ استادن کي بهترين تنخواهون ڏنيون وڃن ٿيون. رمضان ڪريم ۾ بونس جي طور تي هڪ اضافي سيلري به ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه شرائط ۽ قانون موجب مفت ميڊيڪل ۽ ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون. (4) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: طلبه جي صلاحيتن کي جانچيو وڃي، جيڪو طالبِ علم جنهن ڪم ۾ وڌيڪ مناسب هجي، معقول وظيفو ڏئي ان ۾ لڳايو وڃي. * انهن مان ڪو مدرس بڻجي، * ڪو مصنف بڻجي * ۽ ڪو واعظ بڻجي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي ان تي به عمل جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جامعة المدينه، مدرسة المدينه ۾ پڙهڻ ۽ ٻيا شارٽ(مختصر) ڪورس ڪندڙ طلبا جي صلاحيتن جي جانچ ٿيندي آهي. انهن جي صلاحيتن موجب ڪو دارالافتاء اهلسنت ۾ پهچي فتويٰ لکڻ جي خدمت انجام ڏئي ٿو، ڪو مفتي بڻجي ٿو، ڪو المدينة العلميه ۾ ديني ڪتابون لکڻ جي خدمت انجام ڏئي ٿو، ڪو مدرس بڻجي ٿو، ۽ ڪيئي امامت ۽ خطابت جا فرائض انجام ڏئي رهيا آهن. انهن ديني خدمت تي کين معقول ۽ بهترين تنخواهون به ڏنيون وڃن ٿيون. (5) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: جيڪي افراد تيار ٿين، انهن کي ملڪ ۾ پکيڙيو وڃي ته جيئن دين جي خدمت ڪن.