Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

الحمدلله! دعوتِ اسلامي ۾ عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ موڪليو وڃي ٿو. انهن کي باقاعده تنخواهون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ اهي فارغُ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي ڪري دين جي خدمت ڪن ٿا. (6) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: باقاعده تنخواهون ڏئي مصنفين کان مفيد ديني ڪتاب ۽ رسالا لکرايا وڃن. الحمدلله! ان مقصد لاءِ دعوتِ اسلامي جو هڪ پورو ادارو المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) قائم آهي، جتي ڪيئي مدني علماء ڪرام ديني ڪتاب لکي رهيا آهن. الحمدلله! هاڻي تائين ڪيئي ديني ڪتاب ۽ رسالا لکجي چڪا آهن. الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني علماء کي باقاعده تنخواهون ڏئي ٿي. (7) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: جيڪي ڪتاب  لکجن، انهن کي سٺي طريقي سان ڇپرائي سڄي ملڪ ۾ ورهايو وڃي. هن رضا جي فرمان تي عمل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا. تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪرڻ) جو به سلسلو ٿيندو آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ٿيندا آهن. (8) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: شهرن ۾ ماڻهو موجود هجن، جتي جنهن قسم جي موضوعات جي ضرورت هجي، انهن عنوانن تي ڪتاب، رسالا لکجن ۽ شايع ڪجن. ان مقصد لاءِ دعوتِ اسلامي جو پورو تنظيمي سيٽ اپ آهي، ذيلي حلقن کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورٰي تائين پورو هڪ نظام قائم آهي. شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ ذِميدار موجود آهن. فيڊ بيڪ جو شعبو قائم آهي، جنهن اسلامي ڀاءُ کي پنهنجي علائقي، شهر وغيره کي ڏسندي جنهن قسم جي مواد جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، فيڊ بيڪ ۾ پنهنجي تجويز لکرائيندا آهن. ان تجويز تي مشاورت ٿيندي آهي ۽ پوءِ ان مطابق ڪم ڪيو ويندو آهي. (9) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: جيڪي قابل آهن پر ڪم ۾ مصروف آهن، انهن کي تنخواهون ڏئي، ڪمائڻ جي مصروفيت کان آزاد ڪري ديني ڪمن ۾ لڳائيندا وڃو. الحمدلله! هن انداز سان به دعوتِ اسلامي دين جي خدمت ڪري رهي