Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
سان اهي 3 ڳالهيون بيان ڪندو رهي * ۽ پنهنجي عضون کي هر وقت انهن ۾ مصروف رکي([1]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي ٻي بنياد قلبِ سليم آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
یَوْمَ لَا یَنْفَعُ مَالٌ وَّ لَا بَنُوْنَ (ۙ۸۸) اِلَّا مَنْ اَتَی اللّٰہَ بِقَلْبٍ سَلِیْمٍ (ؕ۸۹)
ترجموڪنزالعرفان: جنهن ڏينهن نه مال ڪم ايندو ۽ نه پٽ. پر اهو جيڪو الله جي حضور سلامت دل سان حاضر ٿيندو.
(پارہ:19، شعراء:88-89)
معلوم ٿيو ته قيامت جي ڏينهن نه مال ڪم ايندو، نه اولاد ڪم ايندي، قيامت جي ڏينهن قلبِ سليم ئي ڪم ايندو. قلبِ سليم ڇا هوندو آهي؟ * اها دل جيڪا ڪفر ۽ شرڪ کان پاڪ هجي * جنهن دل ۾ بدعقيدگي نه هجي* اها دل جيڪا اندروني بيمارين کان پاڪ هجي * جنهن ۾ حسد نه هجي * بغض نه هجي * ڪينو نه هجي * دنيا جي محبت نه هجي، اهڙي پاڪيزه دل وارو قيامت جي ڏينهن ڪامياب ٿيندو.