Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
جمعرات پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ اَوَّل کان آخر شرڪت جي نيت ڪري وٺو!
ڪراچي ۾ هڪ هنڌ امير اهل سُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان هو، هڪ اسلامي ڀاءُ اُن اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ نڪتو، جيئن ئي هُو هڪ سوڙهي ۽ اونداهي گهٽي ۾ پهتو ته هڪ ڌاڙيل سندس ڳلي تي خنجر رکي ڪري ڪاوڙ ۾ چيو: جيڪو ڪجھ اٿئي، ڪڍي ڇڏ. اُن اسلامي ڀاءَ نهايت نرمي سان چيو: جيڪو اوهان کي ملي کڻي وٺو، ڌاڙيل کيسن جي تلاشي ورتي، ڪنهن کيسي مان عطر جي شيشي، ته ڪنهن مان تسبيح نڪتي. ڌاڙيل ڪاوڙ ۾ اچي ڪري چيو: ڪاڏي وڃي رهيو آهين؟ اسلامي ڀاءَ نهايت ئي نرمي سان چيو: اسان جي شيخ طريقت، امير اهل سُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان آهي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهيان. اِهو ٻڌي ڪري ڌاڙيل خاموش ٿي ويو، خاموشي جو فائدو وٺندي ان اسلام ڀاءَ کيس نيڪي جي دعوت ڏيندي چيو: اوهان به اسان سان گڏ اجتماع ۾ هلو! آهسته لهجي ۽ نرم آواز ۾ ڏنل مخلصانه دعوت يڪدم اثر ڏيکاريو، ڌاڙيل چيو: هلو مان به هلان ٿو. اجتماع ۾ پهچي ڪري امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي زيارت ڪيائين، بيان ٻڌائين، اجتماع کان پوءِ ان ڌاڙيل نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري اُن اسلامي ڀاءَ کي خنجر پيش ڪندي چيو: هي اوهان رکي ڇڏيو، هاڻي مون کي هن جي ضرورت ناهي ڇوته مان پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪري امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مريد ۽ عطاري بڻجي ويو آهيان.
چور ڈاکو آؤندے نیں نَمازی بن جاندے نے عاشِق لندن پیرس دے حاجی بن جاندے نے
مِٹھا مُرشِدْ ویکھو تقدیراں اے سنوار دا میرا پیر میرا پیر میرا پیر میرا پیر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد