Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

آهن. ڪاش! اسان پنهنجن مسلمان ڀائرن جو خيال رکڻ وارا بڻجي وڃون، ٻين کي تڪليف کان بچائڻ وارا بڻجي وڃون.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 

(6) ڇهين بنياد: تڪليف ڏيندڙ شيءِ کڻڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي ڇهين بنياد آهي: رستي تان تڪليف ڏيندڙ شيءِ هٽائي ڇڏڻ. هيءُ به هڪ تمام پيارو ۽ نيڪين سان ڀرپور عمل آهي. حديث پاڪ ۾ آهي ته ايمان جا 70 کان ڪجهه وڌيڪ شعبا آهن، انهن مان سڀ کان اعلى شعبو لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ چوڻ آهي ۽ سڀ کان هيٺيون شعبو رستي تان تڪليف ڏيندڙ شيءِ هٽائي ڇڏڻ آهي.[1]

  هيءُ تمام آسان عمل آهي، اسان کي گهرجي ته اسان هيءُ ڪم ڪندا ڪريون، رستي ۾ وڃي رهيا آهيون، ڏٺو ته ڪو پٿر پيل آهي، ڪو ڪنڊو آهي، يا ميوي جي کَل آهي، خوف آهي ته ڪو ماڻهو اُن تي پير رکي ڪِري سگهي ٿو، ته ان کي اتان کان هٽائي ڇڏيو.

جنت ۾ داخلا ملي وئي

 حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته آخري نبي، رسول  هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ ماڻهو ڪنهن رستي تان گذري رهيو هو، ان رستي تي هڪ ڪَنڊي واري ٽاري ڏٺي ته ان کي رستي تان هٽائي ڇڏيو. الله پاڪ کي ان شخص جو هيءُ عمل پسند آيو ۽ اُن ٻانهي جي مغفرت فرمائي ڇڏي. ([2]) هڪ


 

 



[1]...مسلم، کتاب الایمان، باب بیان عدد شعب الایمان...الخ،صفحہ:39 حدیث:58۔

[2]... مسلم ، کتاب البر والصلۃ ،  باب فضل الزالۃ الاذیٰ عن الطریق، صفحہ:1011، حدیث:1914۔