Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
اَسیروں کے مشکل کشا غوثِ اعظم فقیروں کے حاجت رَوا غوثِ اعظم
مریدوں کو خطرہ نہیں بحر غم سے کہ بیڑے کے ہیں ناخدا غوثِ اعظم
وہاں سر جھکاتے ہیں سب اُونچے اُونچے جہاں ہے ترا نقش پا غوثِ اعظم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
روايت آهي ته حضور غوثِ پاڪ رحمةُ اللهِ عليه پنهنجي شهزادي شيخ عبدُ الرزاق
رحمةُ اللهِ عليه کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! اسان جو هي طريقو (يعني سلسلو عاليه قادريه) هنن (8 ڳالهين) تي رکيل آهي:
ڪتاب ۽ سنّت (2) دل جي سلامتي (3) سخاوت (4) خير خواهي (5) ٻين کي تڪليف کان بچائڻ (6 رستي تان تڪليف ڏيندڙ شيءِ هٽائڻ (7) پنهنجن مسلمان ڀائرن جون خطائون معاف ڪرڻ (8) فقر ۽ بي نيازي اختيار ڪرڻ. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي سلسلي عاليه قادريه جون 8 بنيادون آهن، يعني جيڪو به
قادري آهي، جيڪو به عاشقِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ۽ حضور غوث پاڪ
رَحۡمَةُ اللهِ
عَلَيۡه سان پنهنجي نسبت مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ سندن فيض حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته هي 8 ڪم لازمي طور تي ڪندو ڪري.
ان کي گهرجي ته پنهنجي زندگي جي بنياد قرآن ۽ سنت تي رکي. حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّ خَيْرَ الْحَدِيثِ كِتَابُ اللهِ، وَخَيْرَ الْهَدْيِ هَدْيُ مُحَمَّدٍ بيشڪ سڀني کان بهترين