Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي محبت جي ڪري ڪيئن بخشش ٿي وئي؟ تنهنڪري هڪ آيت ۽ حديثِ پاڪ ٻڌي وٺو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ کُوْنُوْا مَعَ  الصّٰدِقِیْنَ (۱۱۹)

تَرْجموڪَنْزُالعِرْفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿي وڃو.

(پارہ:11، التوبہ:119)

هن آيتِ ڪريمه ۾ ڏسو! ايمان وارو چئي ڪري خطاب ڪيو ويو، پوءِ تقوى اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان کان بعد فرمايو: سچن سان گڏ ٿي وڃو! سوال هي آهي ته جڏهن ايمان به ملي ويو، تقوا به اختيار ڪيو ويو، ته هاڻي سچن سان گڏ ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ مشهور مفسّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، هن جي وضاحت ڪندي لکن ٿا: سچن سان گڏ ٿيڻ جي هڪ حڪمت هيءَ به آهي ته (هي سچا ته بخشيل بخشايل آهن، هي ته ان شان وارا آهن، اهڙن عملن وارا آهن جو قيامت جي ڏينهن انهن کان حساب نه ورتو ويندو، بغير حساب جي ئي جنت جو داخلو عطا ڪيو ويندو، ۽ جيڪي خوش نصيب انهن سچن سان گڏ هوندا، انهن کان به گهڻي تحقيق نه ٿيندي، سخت حساب نه ورتو ويندو بلڪ انهن سچن جي نسبت جي ڪري بخشش نصيب ٿي ويندي). ([1])

گڏ ويهڻ وارو به بدبخت ناهي رهندو.

  صحابيء رسول حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ حضرت عبد الله بن رواحه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وٽان گذريا، ان وقت حضرت عبد الله بن رواحه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابہِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَنْهُم 


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی، پارہ:11، سورۂ توبہ:زیرِ آیت:119، جلد:11، صفحہ:115 ملخصاً۔