Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

  پيارا اسلامي ڀائرو! قاعدو ڪُليو محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌائي ڇڏيو آهي، هاڻي اسان پاڻ غور ڪريون، ڇا اسان اهڙا آهيون جو ماڻهو اسان کان خير جي اُميد رکندا هجن ۽ برائي کان محفوظ هجن، جيڪڏهن ايئن آهي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن ناهي ته ڊڄڻ گهرجي.

 

اهو ايمان وارو نٿو ٿي سگهي جيڪو...!!

  هڪ ڀيرو الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  3 ڀيرا الله پاڪ جو قسم کنيو، فرمايائون: وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله پاڪ جو قسم! اهو مؤمن نٿو ٿي سگهي. وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله پاڪ جو قسم! اهو مؤمن نٿو ٿي سگهي. وَاللہِ لَایُؤْمِنُ الله پاڪ جو قسم! اهو مؤمن نٿو ٿي سگهي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪير مؤمن نٿو ٿي سگهي؟ فرمايائون: اَلَّذِیْ لَا یَاْمَنُ جَارُہٗ بَوَائِقَہٗ اهو جنهن جو پاڙيسري سندس شر کان محفوظ نه هجي.[1]

خیر خواہ ہم بھی پڑوسی کے بنیں                                                                                                          یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

نعمتِ اخلاق کر دیجئے عطا                                                                                                                                    یہ کرم یا مصطفےٰ فرمائیے!

 

پاڙيسري کي ايذاء ڏيڻ واري عبادت گذار عورت

  امام بُخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث شريف نقل فرمائي ته هڪ ڀيرو الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! فلاڻي عورت سڄي رات عبادت ڪندي آهي، ڏينهن ۾


 

 



[1] بخاری، کتاب:الادب، صفحہ:1500، حدیث:6016۔