Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
دينار ملاح کي ڏئي ڇڏيو ۽ چئجوس ته هو اڳتي ڪنهن به غريب کي درياءُ پار ڪرائڻ کان انڪار نه ڪري. ([1])
اسیروں کے مشکل کشا غوثِ اعظم فقیروں کے حاجت روا غوثِ اعظم
گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا مدد کے لئے آؤ یاغوثِ اعظم
.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيترا سخي آهن، جڏهن هڪ غريب جي حالت ڏٺائون ته انهن کي اهو برداشت نه ٿيو، فوراً ان جي مدد ڪئي. اسان کي به گهرجي ته سخاوت اختيار ڪريون. الله پاڪ جيترو عطا فرمايو آهي، اُن ۾ جيتري آساني هجي، ڪجهه نه ڪجھ حصو صدقي ۽ خيرات جو به ضرور رکندا ڪيون، سخاوت ڪندا ڪيون. ۽ عرض ڪيان ته: سخي ٿيڻ لاءِ وڏيون تجوريون نه، وڏي دل هجڻ گهرجي. ڪيئي ماڻهو اهڙا آهن جن جون تجوريون وڏيون وڏيون آهن پر دليون ننڍيون ننڍيون آهن. لهٰذا مال جيتوڻيڪ گهٽ هجي، دل وڏي رکو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سخاوت جي دولت نصيب ٿيندي. ان جا فضائل ڇا آهن؟ ٻڌو!* سخاوت جنت جي وڻن مان هڪ وڻ آهي، جنهن جون ٽاريون زمين ڏانهن جُهڪيل آهن، جيڪو شخص انهن مان ڪنهن هڪ ٽاريءَ کي پڪڙيندو آهي، اها کيس جنت ڏانهن وٺي ويندي آهي([2]).* سخي جي غلطيءَ کي درگذر ڪيو، ڇو ته جڏهن به هو غلطي ڪندو آهي ته الله پاڪ