Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

روايت ۾ آهي ته هڪ ماڻهو رستي جي وچ ۾ پيل وڻ جي ٽاري وٽان گذريو ته هن چيو: خدا جو قسم! مان ان کي ضرور مسلمانن جي رستي تان هٽائي ڇڏيندس ته جيئن انهن کي تڪليف نه پهچائي. پوءِ ان کي جنت ۾ داخل ڪيو ويو. هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته مون هڪ شخص کي جنت ۾ سير ڪندي ڏٺو ڇاڪاڻ ته هن رستي ۾ ڪريل وڻ کي وڍي ڇڏيو هو جيڪو ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهيو هو.[1]

  سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو پيارو عمل آهي. الله پاڪ اسان کي نيڪ عمل اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(7) ستون بنياد: مُعاف ڪرڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي ستين بنياد آهي: عفو و درگذر، يعني معاف ڪري ڇڏڻ. جيڪڏهن ڪو اسان کي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻ ۾  تڪليف ڏئي ويهي يا اسان جي دل ڏکائي ته اسان کي گهرجي ته ان کي معاف ڪري ڇڏيندا ڪيون. هن جون به کُوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. حديث پاڪ ۾ آهي: مَامِنْ رَجُلٍ یُّصَابُ بِشَیْئٍ فِیْ جَسَدِہٖ فَیَتَصَدَّقُ بِہٖ اِلَّا رَفَعَہُ اللّٰہُ بِہِ دَرَجَۃً وَحَطَّ عَنْہُ بِہِ خَطِیْئَۃً يعني جنهن شخص جي جسم تي ڪا تڪليف پهتي ۽ اهو ان کي (يعني تڪليف ڏيندڙ مسلمان کي) معاف ڪري ڇڏي ته الله پاڪ ان جا درجا بلند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جا گناهه مٽائي ڇڏيندو آهي.[2]


 

 



[1] صحیح مسلم ، کتاب البر والصلۃ ،  الحدیث ۱۹۱۴، ص۱۴۱۰۔

[2]... ترمذی، کتاب الدیات، باب ماجاء فی العفو،  صفحہ:358، حدیث:1393۔