Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

3 دفعا جنت جي بشارت ملي

صحابيِ رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر هئاسين. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: یَطْلُعُ عَلَیْکُمُ الْآن مِنْ هٰذَا الْفَجِّ رَجُلٌ مِنْ اَهْلِ الْجَنَّۃِ هاڻي توهان وٽ هن رستي کان هڪ جنتي شخص ايندو. جيئن ته هڪ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اُتان کان آيا. ان جي ڏاڙهي وضو جي پاڻي سان تَر(آلي) هئي،  کاٻي هٿ ۾ جوتو کڻي اچي رهيا ها.

ٻئي ڏينهن وري آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هاڻي توهان وٽ هن رستي کان هڪ جنتي شخص ايندو. ٻئي ڏينهن به اُهو ئي صحابي آيو،  ٽئين ڏينهن به ايئن ئي ٿيو. حضرت عبدالله بن عَمۡرو رضي الله عنه فرمائن ٿا: هاڻي ته مان ان انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي گهر پهتس ۽ عرض ڪيم ته مان توهان وٽ مهمان رهڻ چاهيان ٿو. جيئن ته مان 3 راتيون ان وٽ رهيس. ان دوران مون کيس رات جو قيام ڪندي (يعني نفلن جي ڪثرت ڪندي) نه ڏٺو، ها! ايترو ضرور هو ته جڏهن هو پنهنجي بستري تي پاسا مٽائيندا ها ته الله جو ذڪر ڪندا ها. سندن هڪ سٺي عادت اها به هئي ته هو چڱي ڳالھ چوندا هئا يا خاموش رهندا هئا. جڏهن 3 راتيون گذري ويون ته مون انهن کي اصل ڳالهه ٻڌائي ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن لڳاتار جنت جي بشارت عطا ڪئي ۽ ٽئي ڏينهن ان بشارت جا مستحق اوهان قرار ڏنا ويا. منهنجي دل چاهيو ٿي ته اوهان وٽ رهي اوهان جو عمل ڏسان، پر مون کي ته اوهان جو ڪو وڌيڪ عمل نظر نه آيو. اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: منهنجو عمل ته اهو ئي آهي جيڪو اوهان ڏٺو، البت هڪ عمل وڌيڪ آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته مان پنهنجي دل ۾ ڪنهن به مسلمان لاءِ ڪينو ناهيان رکندو ۽ نه ڪنهن مسلمان کي ملندڙ نعمت تي حسد