Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

فرمايائون: اي مالدارو! جيڪڏهن دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي چاهيو ٿا ته پنهنجي مال جي ذريعي غريبن سان همدردي ڪيو! پوءِ غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هڪ حديث پاڪ بيان فرمائي: ([1]) الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشميصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهو الله پاڪ جا عيال (يعني ٻانها) آهن، الله پاڪ جو وڌيڪ پيارو اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عيال کي وڌيڪ فائدو پهچائيندڙ هجي. ([2])   

هڪ پريشان حال غريب جي دلجوئي

  ابوعبد الله محمد بن خضر حسيني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن سرڪار غوث اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نظر هڪ پريشان حال فقير تي پئي. هڪ مسلمان کي ڏک ۽ غم جي حالت ۾ ڏسي، حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بي چين ٿي ويا ۽ پڇيائون: مَاشَاْنُکَ (يعني توکي ڇا ٿيو آهي؟) فقير جواب ۾ عرض ڪيو: عالي جاھ! مون کي درياءِ دجله جي ٻئي پار وڃڻو آهي، پر مون وٽ پئسا ناهن، ملّاح (يعني ٻيڙي هلائڻ وارو) بغير ڪرائي جي ٻيڙيءَ ۾ ويهارڻ لاءِ تيار ناهي. ملّاح جي اهڙي رويي سان منهنجي دل ٽٽي وئي جو جيڪڏهن مون وٽ پئسا هجن ها ته مون کي ايئن مايوس نه ٿيڻو پئي ها.  راوي چون ٿا: فقير اڃا پنهنجي ڳالهه مڪمل به نه ڪئي هئي ته هڪ شخص غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيو ۽ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ هڪ ٿيلهي نذراني طور پيش ڪئي، ان ٿيلهيءَ ۾ 30 دينار (يعني سون جا سڪا) هئا. غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي 30 جا 30 دينار ان غريب کي ڏيندي فرمايو: اهي سڀ


 

 



[1]...فتح الربانی، المجلس التاسع و العشرون، صفحہ:127۔

[2]...موسُوعہ ابنِ ابی دُنیا، کتاب قضاء الحوائِج، جلد:4، صفحہ:159، حدیث:24۔