Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

ڌيءَ الله پاڪ جي نعمت آهي

  پيارا اسلامي ڀائرو! 11 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ننڍن ڇوڪرين جي متعلق ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي، اچو انهيءَ مناسبت سان الله پاڪ جي ان نعمت جو ڪجھ تذڪرو ڪريون ٿا.

  الحمد لله! ڌيئرون الله پاڪ جي نعمت آهن ۽ نعمت جي ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ان نعمت تي ناراضگي جو اظهار ڪرڻ غير مسلمن جو طريقو آهي. صراط الجنان ۾ آهي: ڌيءَ جي پيدائش تي غم جو اظهار ڪرڻ غير مسلمن جو طريقو آهي.[1]

   جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ڌيءَ جي پيدائش ٿئي ته ان کي ناراض ٿيڻ نه گهرجي، بلڪه خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته *جنهن گهر ۾ ڌيءَ جي پيدائش ٿيندي آهي، فرشتا ان گهر وارن کي سلامتيءَ جي دعا ڏيندا آهن.[2] * جنهن گهر ۾ ڌيءَ جي پيدائش ٿيندي آهي، ان جي سار سنڀال ڪرڻ واري جي قيامت جي ڏينهن مدد ڪئي ويندي.[3]

  پيارا اسلامي ڀائرو! ڌيئرن جي پرورش ڪرڻ سعادت مند ماڻهن جو حصو آهي ۽ ڌيئرون قيامت جي ڏينهن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جهنم کان آڙ بڻجي وينديون. جيئن ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنهن جي ڌيءَ هجي، اهو ان کي سٺو ادب سيکاري، سٺي تعليم ڏئي ۽ الله پاڪ جون ڏنل نعمتون ان تي خرچ ڪري ته اها ڌيءَ ان لاءِ باهه کان آڙ ۽ رڪاوٽ بڻجي


 

 



[1]  صراط الجنان، 5/334

[2] بیٹی کی پرورش، ص12

[3] بیٹی کی پرورش، ص13