Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
صرف ڏسڻ سان ئي رب ياد اچي ويندو آهي، انهن جي صحبت جو عالم ڇا هوندو؟ * انهن جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ وارن، * انهن سان محبت ڪرڻ وارن* انهن سان نسبت رکڻ وارن کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديو هونديون.
اللہ!اللہ! کیے جانے سے اللہ نہ ملے اللہ والے ہیں جو اللہ سے ملا دیتے ہیں
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيرن جا پير، وليّن جا ولي آهن. سندن سان نسبت ملڻ وڏي سعادت جي ڳالهه آهي. شيخ علي بن هيتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪنهن به پير جا مريد ايترا سعادت مند نه آهن، جيترا غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مريد سعادت مند هوندا آهن. ([1])
خدا کے فضل سے ہم پر ہے سایہ غوثِ اعظم کا
ہمیں دونوں جہانوں میں میں ہے سہارا غوثِ اعظم کا
غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: قيامت تائين منهنجي دوستن، مريدن ۽ محبوبن مان جيڪو به ٿاٻو کائيندو، مان ان جو هٿ پڪڙي وٺندس([2]) .
هڪ موقعي تي فرمايو: الله پاڪ جي عزت جو قسم! منهنجو هٿ منهنجي مريد تي اهڙي طرح آهي، جيئن آسمان زمين تي آهي. جيڪڏهن فرض ڪيو منهنجو مريد بلند رتبي وارو نه به هجي ته ڇا ٿيو، مان ته بلند مرتبي وارو آهيان. ([3])