Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
ويندي.[1] الله پاڪ اسان کي ڌيئرن سان پيار ڪرڻ، انهن جا حق پورا ڪرڻ، انهن جي دلجوئي ڪرڻ ۽ انهن جي بهتر پرورش ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع به آهي. * هر جمعرات مغرب جي نماز کان بعد دعوت اسلامي جو هفتيوار اجتماع ٿيندو آهي، ان ۾ تلاوت، نعت سنتن ڀريو بيان، ذڪر ۽ رقَّت انگيز دعا ڪرائي ويندي آهي. * اوهان کي عرض رکجي ٿو ته *اوهان به هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪيو! * ديني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جو پنهنجو ته ڇا شان هوندو! حديث شريف جي مطابق جيڪو انهن وٽ ويهي رهي، اهو به بدبخت ناهي رهندو[2]. * اَلحَمۡدُلله هفتيوار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آهي. * علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو آهي * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ ۽ * مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو آهي. * هڪ اهم برڪت هيء آهي ته ديني اجتماع ۾ وڃڻ به راھ خدا ۾ نڪرڻ آهي. هفتيوار اجتماع ۾ تشريف کڻي ايندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر کان نڪرڻ کان وٺي واپس موٽڻ تائين سڄو وقت راھِ خدا ۾ شمار ٿيندو، هر