Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
گهڙيون آهن. مان به تمام گهڻو پريشان هيس. انهيءَ دوران مون کي غيب مان هڪ آواز آيو: فلاڻي سوراخ ۾ هڪ مَک آهي، جنهن کي هڪ وڏيءَ مک پڪڙي رکيو آهي، تون ان مک کي ڇڏاءِ ته اسان تنهنجي زال کي شفا ڏئي ڇڏينداسين. امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان فوراً اٿيس، سوراخ وٽ ويس، ڏٺم ته سوراخ تمام ننڍو هو. مون هڪ ڪَکُ سوراخ ۾ وڌو ۽ ڏٺو ته واقعي اتي هڪ مک هئي، جنهن کي ٻي وڏي مک وات ۾ پڪڙي رکيو هو. جيئن ئي مون ان مک کي آزاد ڪيو، فوراً الله پاڪ منهنجي گهرواريءَ کي شفا عطا فرمائي ڇڏي.[1]
سُبْحٰنَ الله! جڏهن هڪ ننڍڙي مک کي تڪليف کان بچائڻ تي هي ڪرم نوازي آهي ته غور ڪريو! جڏهن اسان الله پاڪ جي ٻانهن کي تڪليف کان بچائينداسين ته ان جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل نصيب ٿيندا.
هڪ ڀيرو رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابہ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو ته ڇا مان اوهان کي چڱن ۽ بُرن جي خبر نه ڏيان؟ سڀئي خاموش رهيا، 3 دفعا ساڳيو ئي سوال ڪيائون: ته هڪ شخص عرض ڪيو: جي ها يارسولَ الله صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اسان کي اسان جي چڱن ۽ بُرن جي خبر ڏيو! فرمايائون: اوهان مان ڀلو اهو شخص آهي جنهن مان خير جي اُميد ڪئي وڃي ۽ جنهن جي شر(نقصان) کان اَمن هجي، ۽ اوهان جو بُرو اهو شخص آهي جنهن مان خير جي اُميد نه ڪئي وڃي ۽ ان جي شر(نقصان) کان اَمن نه هجي۔[2]