Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ؛ ”جيڪو شخص عصر کان پوءِ سُمهي ۽ ان جو عقل هليو وڃي ته پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪري۔“ (مسند ابي يعليٰ ج 4 ص 278 حديث 4897)
اي عاشقانِ رسول! * سمهڻ کان اڳ ۾ بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو ته جيئن ڪا ايذاءُ ڏيندڙ شيء وغيره هجي ته نڪري وڃي * سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا، ترجمو: اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مرندو آهيان ۽ جيئندو آهيان (يعني سمهندو ۽ جاڳندو آهيان) * ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروھ آهي* منجهند جو قيلولو (ڪجھ دير ليٽڻ) مستحب آهي۔ * سمهڻ لاءِ مستحب اهو آهي ته پاڪائي سان سمهي ۽ ڪجھ دير ساڄي پاسي ساڄو هٿ ڳل جي هيٺان رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي ۽ ان کان پوءِ کاٻي پاسي سمهي۔ * سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اُتي اڪيلو سمهڻو پوندو پنهنجي اعمال کان سواءِ ڪوبه گڏ نه هوندو، * سمهڻ وقت يادِ خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰنَ الله ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو وِرد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي پوي جو انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو. * جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو اَلْحَمْدُلِلہِ الَّذِیْ اَحْیَانَا بَعْدَ مَا اَمَاتَنَا وَ اِلَیْہِ النُّشُوْرُ ؛ سڀ تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي.
* جڏهن ڇوڪري ۽ ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ