Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
ڏيندو * جيڪو ڀلو چاهيندو هجي، اهو پنهنجا فائدا ناهي ڏسندو، ٻين جي فائدي جو خيال ڪندو آهي.
پر افسوس! اسان وٽ اهي سڀ شيون عام آهن * غيبت عام آهي* چغلي عام آهي * ڪوڙ عام آهي * بغض عام آهي * ڪينو عام آهي * حسد عام آهي ۽ رهي ڳالهه پنهنجو فائدو ڏسڻ جي ته ان جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! هر پاسي نفسا نفسي آهي، بس پنهنجو فائدو ئي ڏٺو ويندو آهي، ٻين جي پرواهه ڪرڻ وارا ته بس ٿورا ئي ماڻهو بچيا آهن. ٻين جو فائدو سوچڻ وارا ڪيئن هوندا آهن، ٻڌو!
30 سالن تائين روئندا رهيا
خواجه ابو الحسن نوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، سندن بازار ۾ دڪان هو. هڪ ڀيري پاڻ گهر
۾ هئا، ڪنهن اچي ٻڌايو: بازار
۾ باهه لڳي وئي آهي.
کين فڪر ٿيو ته منهنجو به دڪان نه سڙي وڃي، تنهنڪري پاڻ جلدي بازار پهتا. ڏٺائون ته سندن دڪان
سلامت آهي، باقي ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جا دڪان سڙي ويا آهن. هاڻي ڇوته سندن دڪان کي باھ نه لڳي هئي،
تنهنڪري پاڻ
رَحْمَةُ
اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چيو: الحمد للہ!
اڃان چيو ئي هو ته اوچتو خيال آيو: هي مون ڇا ڪري ڇڏيو، منهنجو نقصان ته نه ٿيو، هي الڳ ڳالھ آهي پر مسلمان ڀائرن جو ته نقصان ٿي ويو آهي. ڇا مان مسلمان ڀائرن جي نقصان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري رهيو آهيان؟صرف اهو هڪ معاملو ٿيو، دڪانن کي باهه سندن نه لڳائي هئائون، نقصان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نه پهچايو هئائون ۽ سندن جيڪو شڪر ڪيو اهو به پنهنجي دڪان بچي وڃڻ تي ڪيو هو. پر انهيءَ الحمد للہ! چوڻ ۾ ڇوته سندن توجهه مسلمان