Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

(8) اٺون بنياد: فقر

  پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي اٺين بنياد فقر آهي. هتي فقر مان ڇا مراد آهي، ان جي وضاحت پاڻ حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪري ڇڏي آهي. فرمائن ٿا: فقر چار شين جو نالو آهي: (1) مشائخ (يعني اولياء ڪرام، ڪامل پير ۽ عاشقانِ رسول علماء ڪرام) جي عزت ڪرڻ،  انهن جي بي ادبي کان بچڻ، (2) پنهنجن پير ڀائرن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ، (3) ننڍن کي نصيحت ڪرڻ ۽ انهن سان خيرخواهي ڪندو رهڻ (4) دنياوي جهيڙا ڇڏي ڏيڻ.[1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الحمد لله قادري آهيون. جيڪڏهن قادري سلسلي ۾ بيعت نه آهيون ته به الله پاڪ جي فضل سان عاشقانِ غوث پاڪ آهيون. هي قادري سلسلي جون 8 بنيادون آهن: (1) هر معاملو قرآن ۽ سنت جي مطابق (شرعي رهنمائي ۾) ڪرڻ، (2) دل کي بغض ۽ ڪيني وغيره کان پاڪ رکڻ، (3) سخاوت، (4) خيرخواهي، (5) ٻين کي تڪليف کان بچائڻ، (6) رستي تان تڪليف ڏيندڙ شيون هٽائڻ، (7) عفو ۽ درگذر يعني معاف ڪرڻ،  (8) ۽ فقر يعني علماء ۽ مشائخ جو ادب ڪرڻ، پير ڀائرن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ، ننڍن تي شفقت ڪرڻ ۽ دنياوي جهيڙا ڇڏي ڏيڻ. اسان کي گهرجي ته اسان هي اٺ ئي ڪم  ڪندا ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فيضان نصيب ٿيندو، انهن سان نسبت مضبوط ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته طريقت جي راهه ۾ بلند مرتبو نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...قطبِ بغداد، صفحہ:69۔