Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

سمجهه ۾ ناهن اينديون. ياد رکو! اڄ موقعو آهي، اسان کي دين ۽ شريعت کي پنهنجو پيشوا بڻائي وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن هي موقعو هٿان نڪري ويو ۽ حضرت ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام اچي ويا، ساهه نڪري ويو ته پوءِ موقعو نه ملندو. جيڪڏهن اڄ خواهشن جي پويان هلندا رهياسين ته الله نه ڪري! قبر ۾ ڦاسي سگهون ٿا، پوءِ ته فقط هلاڪت ئي هلاڪت هوندي. ان ڪري اڄ موقعو آهي، قرآن ۽ سنت کي پنهنجو پيشوا بڻائي ڇڏيو! پنهنجي هر ڪم جي بنياد معاشري تي نه بلڪ دين ۽ شريعت تي رکو! ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهريان شرعي راهنمائي وٺڻ جي عادت بڻايو!

مسلمان تي هر حال ۾ 3 ڪم لازم آهن

 حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هر مسلمان تي هر حال ۾ (يعني ڏينهن هجي، رات هجي، سردي هجي، گرمي هجي، خوشي هجي، غم هجي، مصروفيت هجي، فراغت هجي، مطلب جيستائين جسم ۾ جان آهي، جيستائين  عقل سلامت آهي، ساهه هلي رهيو آهي، ان وقت تائين هر مسلمان تي) 3 ڳالهيون لازم آهن (1) اَمْرٌ یَمْتَثِلُہٗ شريعت جو حڪم ته ان تي عمل ڪري (2)
نَہْیٌ یَجْتَنِبُہٗ شريعت جي منع ڪيل ڳالهين کان بچندو رهي (3)  قَدْرٌ یَرْضٰی بِہٖ تقدير تي هميشه راضي رهي.

حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: * مسلمان جي ادنيٰ حالت اها آهي ته هو ڪنهن به وقت هنن 3 ڳالهين مان ڪنهن هڪ کان به خالي نه هجي * ان جي دل انهن 3 ڳالهين جو پڪو ارادو ڪندي رهي* ٻانهو پنهنجي پاڻ