Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

ڀائرن جي نقصان کان هٽي وئي هئي، انهن جو غم دل ۾ نه آيو هو، جيئن ته ايئن غلط موقعي تي الحمدللہ چوڻ سبب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 30 سال تائين ڳوڙها وهائيندا ۽ توبه ڪندا رهيا.

 اللهُ اڪبر!  پيارا اسلامي ڀائرو! اهي هئا خيرخواهه...!! اهي هئا مسلمان ڀائرن جي ڀلو چاهڻ وارا. اسان ڇا آهيون؟ اسان ته بس پنهنجو فائدو ڏسندا آهيون.* اسان جي گهر ۾ سڪون آهي، بس خير آهي، پاڙيسري جي پرواهه اسان کي ڇو ٿيندي * اسان جي گهر ۾ کاڌو تيار آهي، ڪافي آهي، پاڙي ۾ ڪو بکيو آهي ته اسان کي ڪهڙي پرواهه، ڪاش! اسان جي اها ذهنيت ختم ٿي وڃي، ڪاش! اسان ٻين جي ڀلائي سوچڻ وارا ٿي وڃون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

(5)  پنجين بنياد: تڪليف نه ڏيڻ

  پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي پنجين بنياد آهي: کَفُّ الْاَذٰی، يعني ٻين کي تڪليف کان بچائڻ. هي به تمام اهم بنياد آهي. ان جي بغير به انسان الله پاڪ جي قرب جون منزلون طئي نٿو ڪري سگهي. انڪري اسان کي گهرجي ته اسان ٻين کي تڪليف کان بچائيندا رهون. جيڪو ماڻهو ٻين کي تڪليف کان بچائيندو آهي، الله پاڪ ان تي تمام گهڻو ڪرم فرمائيندو آهي.

گهرَواريءَ کي فوراً شفا ملي وئي

  امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ دفعي منهنجي زال سخت بيمار هئي، ايتري تائين جو سندن حالت ڏسي  ڪري، گهر وارن سمجهيو ته هن جون آخري