Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

ڪندو آهيان. حضرت عبدالله بن عَمۡرو رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: ها، هي ئي اهو وصف آهي، جنهن توهان کي هن مقام تي پهچايو آهي. ([1])  

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقان رسول! ڏٺو اوهان! دل کي پاڪ رکڻ، دل ۾ ڪنهن جي لاءِ بغض ۽ ڪينو نه رکڻ، ڪنهن کان حسد نه ڪرڻ، ۽ ڪنهن جي باري ۾ دل ۾ ميرُ نه رکڻ جنت ۾ وٺي ويندڙ عمل آهي ۽ ٻي طرف غور ڪيو ته دل ۾ بغض رکڻ وارو، حسد جو نانگ دل ۾ پالڻ وارو ڪيڏو بدبخت آهي جو بخشش ۽ مغفرت کان محروم رهندو آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجون دليون صاف ڪري ڇڏيون. جيڪڏهن ڪنهن جي متعلق دل ۾ ڪو مِير آهي ته ان کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو، جيڪڏهن ڪنهن سان ناراضگي آهي ته ان کي ختم ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن مائٽ سان رنجش آهي، يا دنياوي مسئلي سبب جهڳڙو آهي يا پاڻ ۾ دوريون آهن ته انهن کي مٽائي ڇڏيو. رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو باطل تي هجي ۽ جھڳڙو ڇڏي ڏئي، الله پاڪ ان لاءِ جنت جي ڪنڊ ۾ گهر ٺاهيندو ۽ جيڪو حق تي هجڻ باوجود به جھڳڙو ڇڏي ڏئي، الله پاڪ ان لاءِ جنت جي مٿين درجي ۾ گهر بڻائيندو. ([2])

اُمَّتِ محبوب کا یارَبّ بنا دے خیر خواہ                                                                                   نفس کی خاطِر کسی سے دِل میں میرے ہو نہ بَیْر

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(3)  ٽين بنياد: سخاوت

  پيارا اسلامي ڀائرو! سلسلي عاليه قادريه جي ٽين بنياد سخاوت آهي. هڪ ڀيرو حضور غوث اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مدرسي ۾ بيان فرمايو، ان دوران پاڻرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان، باب فی الحث علی ترک الغل و الحسد، جلد:5، صفحہ:264، حدیث:6605 ۔

[2]...ترمذی، کتابُ البر و الصِّلۃ، باب ماجاء فی المراء، صفحہ:484، حدیث:193ملتقطاً۔