Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein

هلائڻي آهي ۽ پنهنجي خواهشن جي پويان لڳي ڪري گناهن جي دلدل ۾ ڦاسڻو آهي. لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃ اِلَّا بِاللہ۔

نافرماني ڪندڙ هلاڪ ٿي ويا

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! مسلمان هر حال ۾ الله ۽ رسول جي فرمان جو پابند آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي ۽ منهنجي آندل  دين جو مثال اهڙو آهي جيئن هڪ شخص آهي، جيڪو پنهنجي قوم کي چوندو آهي: اي انسانو! هڪ وڏو لشڪر توهان ڏانهن وڌي رهيو آهي، مون ان کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، اي منهنجي قوم! نجات جي ڪوشش ڪريو! هاڻي قوم جا ٻه گروهه ٿي ويا (1): هڪ گروهه ته ان شخص جي ڳالهه مڃي ورتي ۽ لشڪر کان بچڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو (2): ٻئي گروهه ان جي ڳالهه نه مڃي، ان ڊيڄارڻ واري جو انڪار ڪيو. هاڻي ڇا ٿيو ته؟ لشڪر اچي پهتو ۽ ان انڪار ڪرڻ وارن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سو هي منهنجي اطاعت ڪندڙن ۽ نافرماني ڪندڙن جو مثال آهي (ته جنهن منهنجي فرمانبرداري ڪئي، منهنجي آندل دين جو پيروڪار ٿيو، اهو هلاڪت کان بچي ويندو ۽ جنهن منهنجي نافرماني ڪئي، منهنجي آندل دين کي ڪوڙو سمجهيو، اهو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو). ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو ته ڪيتري واضح مثال آهي. اڄڪلهه ماڻهن کي فيشن سمجهه ۾ اچي ويندو آهي پر شريعت سمجهه ۾ ناهي ايندي، پنهنجون نفساني خواهشون ته سمجھ ۾ اچي وينديون آهن پر ديني ڳالهيون


 

 



[1]...بخاری، کتاب الاعتصام ...الخ، باب الاقتداء...الخ،  صفحہ:1763، حدیث:7283۔