Book Name:Silsila Qadria Ki 8 Bunyadein
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
منقول آهي ته بغداد شريف جي هڪ قبرستان ۾ هڪ مُردي جي رڙين جو آواز ٻڌڻ آيو، ان جي باري ۾ حضرت غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٻڌايو ويو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پڇيائون: ڇا هن قبر واري جي مون سان نسبت آهي؟ ماڻهن عرض ڪيو: سائين! ان جي اسان کي خبر ناهي. پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پڇيائون: ڇا اهو ڪڏهن منهنجي اجتماع ۾ آيو؟ ماڻهن عرض ڪيو: سائين! ان جي به اسان کي خبر ناهي. ان کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پڇيائون: ڇا ان ڪڏهن منهنجي پٺيان نماز پڙهي آهي؟ ماڻهن عرض ڪيو: اسان هن باري ۾ به نٿا ڄاڻيون.
ان کان بعد پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُراقبو فرمايو: سندن چهري مبارڪ مان جلال، دٻدٻو ۽ وقار ظاهر ٿيڻ لڳو، سندن مٿو مبارڪ کڻي ڪري فرمايو: مونکي چيو ويو آهي ته ان شخص اوهان جي زيارت ڪئي آهي، اوهان سان حسنِ ظن رکندو هو،